رانديون

روهت شرما ڀارتي ٽيسٽ ٽيم جو مستقل ڪپتان مقرر

ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ روهت شرما کي ٽيسٽ ٽيم جو مستقل ڪپتان مقرر ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق بي سي سي آئي اڳوڻي ڪپتان ويرات ڪوهلي جي ڪپتاني ڇڏڻ واري فيصلي بعد روهت شرما جي مستقل ڪپتان طور مقرري ڪئي آهي. هوڏانهن سريلنڪا خلاف ٽي 20 سيريز جي ڏس ۾ ڀارتي اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ڇتيش پجارا، اجنڪيا راهني کي آئوٽ ڪيو ويو آهي. جڏهن تھ ٽيم ۾ روي چندن ايشون واپسي ڪئي آهي. اهڙي ريت ويرات ڪوهلي ۽ رشنڀ پنٽ کي آرام ڏنو ويو آهي. جڏهن تھ جسپريت ڀمراهه ، محمد سراج، ڀونيشور، رويندر جديجا ۽ سنجو سيمسن اسڪواڊ ۾ شامل آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button