رانديون

ڪراچي ڪنگز 9 ميچن ۾ شڪست جو رڪارڊ ٺاهي ورتو، ڪوئٽا ميچ کٽي ورتي

پاڪستان سپر ليگ جي ٽيم ڪوئٽا گليڊيئٽرز 23 رنسن تان ڪراچي ڪنگز کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي. جڏهن تھ ڪراچي ڪنگز پي ايس ايل ۾ 9 ميچن جي شڪست جو رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي. ميڊيا مطابق قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل پي ايس ايل 7 جي 28 ميچ ۾ ڪوئٽا گليڊيئٽرز پهرين بيٽنگ ڪندي 4 وڪيٽون وڃائي 166 رنسون ٺاهي 167 رنسن جو هدف ڏنو، سندس بيٽرن مان جيسن روئي 82 رنسن جي شاندار اننگ کيڏي، جيمز ونس 29، افتخار 21، ول سميڊ 10 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا. ڪراچي ڪنگز هدف پويان کيڏندي 8 وڪيٽن تي 143 رنسون ٺاهيون ۽ 10 ميچ ۾ شڪست کاڌي آهي، سندس بيٽر جوئي ڪلارڪ 52 رنسون بھ ڪاميابي ڏياري نھ سگهيون، ڪپتان بابراعظم 36 ۽ عماد وسيم 11 رنسون ٺاهيون آهن. جڏهن تھ 6 بيٽر ڊبل فگر ۾ ئي نھ آيا. ڪوئٽا گليڊيئٽرز جي بالر خرم شهزاد 4 وڪيٽون وٺي مخالف بيٽرن کي بيهڻ ئي ڏنو ۽ نسيم شاهه بھ 2 وڪيٽون ورتيون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button