رانديون

نيوزيلينڊ ويمن هٿان چوٿين ون ڊي ۾ بھ ڀارت کي شڪست

نيوزيلينڊ جي ويمن ڪرڪيٽ ٽيم ڀارتي ويمن ٽيم کي 63 رنسن تان شڪست ڏئي لاڳيتو 4 ون ڊي ميچ کٽي ورتا آهن. ميڊيا مطابق ڀارت جي سڄي ويمن ٽيم نيوزيلينڊ جي 192 رنس جي هدف پويان کيڏندي 128 تي آئوٽ ٿي وئي آهي. نيوزيلينڊ جي بيٽرن مان اميلا ڪر 68 رنسن ٺاهي نمايان رهي، سوزي بيٽس 41 ۽ ايمي سئٿرزويٽ 31 رنسون ٺاهي ڪاميابي ۾ ڪردار ادا ڪيو. جڏهن تھ ڀارت جي بيٽرن مان ريچا گهوش 52 ۽ مٿالي راج 30 رنسن سان نمايان رهيون. اهڙي ريت ڀارتي ٽيم نيوزيلينڊ هٿان 63 رنسن تان شڪست کاڌي آهي. نيوزيلينڊ جي اميلا ڪر 68 رنسن ۽ 3 وڪيٽون وٺي پاڻ مڃايو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button