رانديون

پيرولاشاري لڳ شهيد زمان شاهه نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ، محسن اليون بدين ميچ کٽيو

پيرولاشاري: پيرولاشاري ويجهو رپ شريف ۾ شهيد زمان شاهه نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ سيزن ٽو جو ميچ کيڏيو ويو، جنهن ۾ ڪالهه ستين ڏينهن علي محسن اليون بدين ۽ آل فرينڊ اليون جي وچ ۾ ميچ کيڏيو ويو، جنهن ۾ آل فرينڊ اليون ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪندي مقرر 8 اوورن ۾ 2 وڪيٽن جي نقصان تي 124 رنس ٺاهيون، جنهن ۾ ڪالو عباسي بهترين بيٽنگ ڪندي 4 ڇڪن ۽ 5 چوڪن جي مدد سان 21 بالن تي 49 رنس ٺاهيو ۽ شاهزيب آرائين 6 ڇڪن ۽ 1 چوڪي جي مدد سان 20 بالن تي 44 رنسون ٺاهيون، جوابي بيٽنگ ڪندي محسن اليون بدين هڪ وڪيٽ جي نقصان تي ستين اوور جي ٻئي بال تي اسڪور پورو ڪري 9 وڪيٽن تان ميچ کٽي ورتو، جنهن ۾ نويد 10 ڇڪن ۽ 1 چوڪي جي مدد سان 19 بالن تي 64 رنس ٺاهيون ۽ عنايت 4 ڇڪن ۽ 4 چوڪن جي مدد سان 15 بالن تي 44 رنس ٺاهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button