رانديون

پاڪستان ۽ آسٽريليا ۾ ميچن دوران ڪاروبار بند رهندو،سيڪيورٽي ۾ فوج مدد کان مدد وٺڻ جو فيصلو

پاڪستان ۽ آسٽريليا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ شيڊل ميچن دوران اسٽيڊيم جي ڀرپاسي وارن سمورن علائقن ۾ ڪاروبار بند رکڻ جو فيصلو ڪندي ميچن جي سيڪيورٽي ۾ فوج کان بھ مدد وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ميڊيا مطابق آسٽريليا جي ٽيسٽ ڪرڪيٽ ٽيم آچر ڏهاڙي پاڪستان پهچندي، جنهن بعد مهمان رانديگرن جي سيڪيورٽي جا انتظام سخت رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. خانگي ٽي وي جي رپورٽ موجب راوالپنڊي جي اسٽيڊيم ۾ ٽيسٽ ميچ دوران ڀرپاسي وارا هوٽل، پارڪ، دڪان ۽ ٻيو سمورو ڪاروبار بند رکيو ويندو، جن ۾ فوڊ اسٽريٽ، علاما اقبال پارڪ ۽ ڊبل روٽ کي سيل ڪيو ويندو. جڏهن تھ ٽيمن جي اچ وڃ دوران موبائيل فون سروس بھ بند رکي ويندي، عام ٽريفڪ جو روٽ زيرو هوندو ۽ ميٽرو بس بھ محدود ڪئي ويندي. اهڙي ريت اسٽيڊيم جي ويجهو وارين عمارتن تي ماهر نشاني باز مقرر ٿيندا، 4000 عام ۽ 350 ٽريفڪ پوليس اهلڪار مقرر ٿيندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button