رانديون

ٽنڊومحمدخان ۾ انٽر ڪرڪيٽ ٽورناميٽ، سڀاڻي فائنل مقابلو ٿيندو

ٽنڊومحمدخان: مير غلام علي خان ٽالپر گورنمنٽ بوائز ڊگري ڪاليج ٽنڊو محمد خان انٽر ڪالجييٽ ڪرڪيٽ ٽورناميٽ 2022 ۾ سيمي فائنل جا مقابلا ٿيا. الحرا هائير سيڪنڊري اسڪول ۽ گورنمينٽِ بوائز ڪاليج جي وچ ۾ سيمي فائنل جو مقابلو ٿيو، جيڪو ڊگري ڪاليج 70 رنسن تان کٽي فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو. ساڳي طرح مخدوم بلاول ڪاليج ۽ بحريه فائونڊيشن ڪاليج جي وِچَ ۾ سيمي فائينل ٿي گذريو، جيڪو بحريه فائونڊيشن ڪاليج کٽي فائينل لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو. سڀاڻي ڊگري ڪاليج ۽ بحريه فائونڊيشن ڪاليج وِچَ ۾ فائينل مقابلو ٿيندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button