رانديون

آسٽريلوي ٽيم 24 سالن بعد اڄ پاڪستان پهچندي، ميڊيا ڪوريج تي پابندي

آسٽريليا جي ڪرڪيٽ ٽيم 24 سالن بعد اڄ پاڪستان پهچي ويندي، پر انهن جي اچڻ وقت سندن ميڊيا ڪوريج تي پابندي لڳائي وئي آهي. ميڊيا مطابق پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ سيريز کيڏڻ ايندڙ ڪينگروز کي سخت سيڪيورٽي ۾ رهائش واري هوٽل پهچايو ويندو. جڏهن تھ آسٽريليا جي ڪرڪيٽرن جي اچڻ تي ٻنهي ملڪن جا ڪرڪيٽ بورڊ سندن تصويرون ۽ وڊيوز جاري ڪري سگهندا. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ مهمان رانديگر ڪجهه وقت جي آئيسوليشن بعد ٽريننگ ڪندا، سندن ميڊيا ٽيم اڳ ئي پاڪستان اچي چڪي آهي. هوڏانهن پاڪستان جي ٽيسٽ اسڪواڊ جا ميمبر آئيسوليشن ختم ڪرڻ بعد اڄ کان ميدان ۾ وڃي پنهنجي پريڪٽس ڪندا. ياد رهي تھ آسٽريليا جي ٽيم پاڪستان ۾ ٽن ٽيسٽ، ٽن ون ڊي ۽ هڪ ٽي 20 ميچ تي ٻڌل سيريز کيڏندي ۽ پهرين ٽيسٽ 4 مارچ کان پنڊي ۾ شروع ٿيندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button