رانديون

ميلبورن ۾ ليجنڊ ليگ اسپنر شين وارن کي ڀيٽا پيش، هزارين ماڻهن جي شرڪت

ميلبورن: ميلبورن ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ اڳوڻي آسٽريلوي ليجنڊ ليگ اسپنر شين وارن جي ياد ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي، جتي هزارين ماڻهن گڏ ٿي ڪرڪيٽ جي دنيا جي بهترين رانديگرن مان هڪ کي خراج تحسين پيش ڪيو. هڪ رپورٽ موجب آسٽريلوي رانديگر شين وارن 3 هفتا اڳ 52 سالن جي عمر ۾ ٿائيلينڊ ۾ موڪلن تي گذاريندي دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي ويو. گذريل هفتي ميلبورن ۾ شين وارن جي خاندان ۽ ويجهن دوستن لاءِ هن جي جنازي جون رسمون ادا ڪرڻ لا ذاتي طور تي بندوبست ڪيو ويو هو، پر سڀني کي ڪالهه هڪ ٽيلي وائيزڊ ميموريل سروس ۾ پڻ سڏيو ويو، جتي هن جي پيءُ ڪيٿ وارن پيار جو اظهار ڪندڙ ۽ ذميواري سنڀاليندڙ پٽ جي وڇوڙي تي ماتم ڪيو ۽ ٽيم جي ساٿين هڪ سخت ۽ شرارتي دوست کي ياد ڪيو.

تعزيتي پيغام ۾ ڪيٿ وارن پنهنجي مرحوم پٽ کي مخاطب ٿيندي چيو ته “دوست! تنهنجي ماءُ ۽ مان توکان سواءِ زندگيءَ جو تصور به نٿا ڪري سگهون، تون ايترو جلد هليو ويو آهين ۽ اسان جون دليون ٽوڙي ويو آهين، تو اسان لا جيڪو ڪجهه ڪيو اسان ان لا شڪرگذار آهيون”. برطانوي فنڪار جان ايلٽن پنهنجو 1974 جو ڪلاسڪ گانو “ڊونٽ ليٽ دي سن گو ڊائون آن مي” ڳايو، جڏهن ته ڪولڊ پلي فرنٽ مين جي ڪرس مارٽن راڪ گروپ جو 2000 جو مشهور گانو “ييلو” ڳايو. ميلبورن ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ شين وارن جي ياد ۾ تقريب شروع ٿيڻ کان اڳ شرڪت ڪندڙن اسٽيڊيم جي ٻاهران شين وارن جي مجسمي وٽ بيهي گل، بيئر جا ڪين ۽ سگريٽ جا پيڪيٽ کنيا، جيڪي ماڻهو سندس موت کانپوءِ اتي ڇڏي ويا هئا، ڊان بريڊمين جي پوٽي گريٽا بريڊمين شين وارن جي ياد ۾ تقريب ۾ آسٽريليا جو قومي ترانو ڳايو. عظيم رانديگر ڊان بريڊمن، شين وارن جي ننڍي ڀا جيسن وارن، ويسٽ انڊيز جي ليجنڊ بيٽسمين بران لارا ۽ ٻين پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button