رانديون

ڏکڻ آفريقا کي 137 رنسن تان شڪست، ايڪليسٽون ۽ داني انگلينڊ کي فائنل ۾ پهچائي ڇڏيو

ويمن ورلڊ ڪپ جي ٻئي سيمي فائنل ۾ انگلينڊ ڏکڻ آفريقا کي 137 رنسن تان شڪست ڏئي فائنل ۾ پهچي وئي آهي. ميڊيا مطابق ويمن ورلڊ ڪپ جي ٻئي سيمي فائنل ۾ انگلينڊ جي ٽيم داني وائيٽ جي 129 رنسن جي مدد سان 293 رنسون ٺاهي ڏکڻ آفريقا کي وڏو هدف ڏئي ڇڏيو، جنهن ۾ سندس باقي بيٽر صوفيا ڊنڪلي 60، ايمي جونز 28، صوفي ايڪليسٽون 24 نيٽ سيور 15 رنسون ٺاهيون ۽ ڪپتان هيٿر نائيٽ هڪ رنس تي آئوٽ ٿي وئي. 294 رنسن جي هدف پويان بيٽنگ ڪندي ڏکڻ آفريقا جي ٽيم 156 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي آهي، سندس بيٽرن مان مگن ڊيوپريز 30، لارا گڊال 28، سني ليوس، ميريزين ڪيپ ۽ تريشا چيٽي 21، 21 ٺاهي نمايان رهيون. جڏهن تھ صوفي ايڪليسٽون ڏکڻ آفريقا جون 6 اهم وڪيٽون وٺي انگلينڊ کي فائنل ۾ پهچائڻ ۾ مک ڪردار ادا ڪيو، اهڙي ريت داني وائيٽ 129 رنسن سان پليئر آف دي ميچ قرار ڏني وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button