رانديون

قومي ٽيم جي آل رائونڊر شاداب خان، بابراعظم کي بادشاهه قرار ڏئي ڇڏيو

لاهور: قومي ٽيم جي آل رائونڊر شاداب خان، بابراعظم کي بادشاهه قرار ڏئي ڇڏيو. ٽوئيٽر تي شاداب خان گذريل ڏينهن جي ميچ دوران ورتيون بابراعظم ۽ امام الحق جون تصويرون شيئر ڪيون ۽ بابر کي بادشاهه قرار ڏنو. بابراعظم ۽ امام الحق جي صدين جي ساراهه ڪندي شاداب لکيو آهي ته “هڪ اهم ڳالهه اها آهي ته بادشاهه هڪ آهي ۽ هو بابر آهي”.

شاداب ٽوئيٽ ڪندي ٽيم جي ڪوششن ۽ فاسٽ بالرن کي بهترين راند پيش ڪرڻ تي ساراهيو. هن لکيو ته فخر زمان سٺي شروعات ڪئي، جڏهن ته افتخار ۽ خوشدل آرام سان ميچ ختم ڪئي. شاداب وڌيڪ لکيو ته “مون تي يقين ڪريو، اسان هڪ ٽيم جي حيثيت سان سخت محنت ڪنداسين”.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button