رانديون

پاڪستان ڪرڪيٽ ۾ سڌارن جي لا رميز راجا جا اڳوڻن ڪرڪيٽرن سان مشورا

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين رميز راجا سڌارن جي حوالي سان اڳوڻن ڪرڪيٽرن سان مشورا شروع ڪري ڇڏيا آهن. جڏهن تھ هن انگلش ڪرڪيٽ بورڊ جي واٽمور جي بيان کي مبهم قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق رميز راجا پاڪستان ڪرڪيٽ ۾ سڌارن لا اڳوڻي ڪرڪيٽر عاقب جاويد سان ملاقات ڪئي آهي، جنهن دوران سڌارن ۽ اهم ذميواري ملڻ جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ذريعن جو چوڻ آهي تھ عاقب جاويد کي اهم عهدي جي آڇ ٿي آهي، پر هو في الحال ان تي غور نھ ڪري رهيو آهي. جڏهن تھ رميز راجا ايندڙ وقت ۾ ٻين اڳوڻن ڪرڪيٽرن سان پڻ مشورا ڪرڻ لا ملاقاتون ڪندو. هوڏانهن انگريزي اخبار سان ڳالهائيندي رميز راجا چيو آهي تھ انگلش ڪرڪيٽ بورڊ جي سربراهه واٽمور جو بيان انتهائي ڌنڌلو هجڻ سان گڏ چٽو ناهي. هن چيو تھ برطانوي ها ڪمشنر ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي تھ انهن جي حڪومت پاڪستان لا ايڊُوائيزري جاري نھ ڪئي هئي. هن چيو تھ معلوم ٿيو آهي تھ انگلش بورڊ ٽيم سان ويلفيئر ۽ سيڪيورٽي بابت مشورا نھ ڪيا، پر انهن نيوزيلينڊ جي دورو ملتوي ڪرڻ کي بنياد بڻائي دورو ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button