رانديون

پاڪستان جي 2 ايٿليٽس جي ڊوپ ٽيسٽ مثبت هجڻ جا اطلاع

پاڪستان جي ٻن ايٿليٽس جي ڊوپ ٽيسٽ مثبت هجڻ جا اطلاع مليا آهن، پر انهن جي اڃا تائين ڪٿان تصديق نھ ٿي سگهي آهي. ميڊيا مطابق عالمي ٽيسٽنگ ايجنسي انٽرنيشنل ويٽ لفٽنگ فيڊريشن سان گڏجي 4 رانديگرن جي ٽيسٽ ڪئي، جن مان طلحا طالب جي گوجرانوالا ۾ سندس جم ۾ ٽيسٽ ڪئي وئي. باقي ٽن جي ڊوپ ٽيسٽ لاهور ۾ ٿي آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ، طلحا طالب بابت اڳ ئي خدشن جو اظهار ٿي چڪو، ٻئي جو نالو اڃا تائين سامهون نھ آيو آهي. هوڏانهن پاڪستان اسپورٽس بورڊ جي ڊائريڪٽر آصف زمان چيو آهي تھ رانديگرن کي محتاط رهي منع ڪيل شين جو استعمال نھ ڪرڻ گهرجي. هن چيو تھ ڪامن ويلٿ گيمز ۾ ويندڙ رانديگرن جي سرپرائيز ڊوپ ٽيسٽ ڪرايا ويندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button