
پاڪستاني ڪرڪيٽر عمر اڪمل آسٽريليا خلاف هوم سيريز ۾ قومي ٽيم جي پرفارمنس تي تنقيد ڪندي چيو آهي تھ، بابراعظم ميچ ونر ڪرڪيٽر ناهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن جو چوڻ هو تھ مهمان ٽيم ڪمزور اسڪواڊ سان گڏ ميزبانن کي شڪست ڏني، پاڻ کي بچائيندي کيڏڻ وارو عظيم راندگر ناهي هوندو.