رانديون

پي سي بي چيئرمين رميز راجا استعيفيٰ نھ ڏيڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو

پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي ويجهي ساٿي رميز راجا عهدي تان استعيفيٰ نھ ڏيڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق ذريعن جو چوڻ آهي تھ رميز راجا عهدو ڇڏڻ بدران ڪم جاري رکڻ جو رٿي ورتو آهي. ذريعن موجب رميز راجا نئين وفاقي حڪومت وٽان پيغام ملڻ بعد حتمي فيصلو ڪرڻ جي آپشن کي پاڻ وٽ رکيو آهي ۽ هو صورتحال کي ڏسڻ بعد ان تحت ئي قدم کڻندو. ذريعن ٻڌايو تھ پي سي بي جي چيئرميني تان رميز راجا جي استعيفيٰ ڏيڻ جي صورت ۾ نجم سيٺي مضبوط اميدوار بڻجي سامهون آيو آهي. ذريعن اها پڻ دعوا ڪئي آهي تھ نجم سيٺي کي پي سي بي چيئرمين طور دوستن مبارڪون ڏيڻ شرع ڪري ڇڏيون آهن، پر هن پاڻ معاملي تي خاموش آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button