
نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم جي تيز بالر هميش بينٽ رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق تيز بالر هميش ڪيريئر دوران هڪ ٽيسٽ، 19 ون ڊي ۽ 11 ٽي 20 ميچ کيڏيا آهن. هن 2005ع ۾ ڪرڪيٽ ۾ ڪيريئر شروع ڪيو، جنهن دوران هن 265 ڊوميسٽڪ ميچون پڻ کيڏيون آهن. تيز بالر هميش بينٽ جو چوڻ هو تھ، ڪرڪيٽ جي سيزن 22-2021ع منهنجي ڪيريئر جي آخري سيزن هوندي.