رانديون

ڊپارٽمينٽل ڪرڪيٽ کي بحال ڪيو وڃي: انتخاب ۽ ظهير عباس

پاڪستان جي ٻن ليجنڊ اڳوڻن ڪرڪيٽرن انتخاب عالم ۽ ظهير عباس مطالبو ڪيو آهي تھ ڊپارٽمينٽل ڪرڪيٽ کي بحال ڪيو وڃي. ميڊيا سان ڳالهائيندي انتخاب عالم چيو تھ محڪماتي ڪرڪيٽ انڊر 19 ٽيم پيدا ڪري ٿي، ٽيلنٽ اتان ئي ملندو. هن چيو تھ هن نظام جي مخالفت ڪندڙ بھ اتان فائدو وٺي اڳتي آيا، حڪومتن بھ واهر ناهي ڪئي. ظهير عباس جو چوڻ هو تھ ڊپارٽمينٽل ڪرڪيٽ فوري طور بحال ٿيڻ گهرجي، ڇاڪاڻ تھ هي ٽيلنٽ ڳولڻ جو وڏو ذريعو آهي. هن چيو تھ سمورن کاتن کي پابندي ڪيو وڃي تھ ماضي جيان پنهنجون ٽيمون ٺاهين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button