رانديون

سريلنڪا خلاف سيريزبابت ويمنز ٽيم جي ٽريننگ 7 مئي کان ٿيندي

پاڪستان جي قومي ويمنز ٽيم جي سريلنڪا خلاف سيريز کان اڳ ٽريننگ 7 مئي کان شروع ڪئي ويندي. ميڊيا مطابق قومي ويمنز ٽيم جي 26 ڪرڪيٽرن کي ڪراچي ۾ طلاب ڪيو ويو آهي، جن کي 18 مئي تائين ٽريننگ ڏني ويندي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ، بسما معروف، عاليا رياض، ڊيانا بيگ ۽ فاطما ثنا کي ٽريننگ ڪيمپ ۾ شامل نھ ڪيو ويو آهي. جڏهن تھ انعم امين، ايمن انور، ارم، ڪائنات امتياز، عائشا ظفر، عائشا بلال، عائشا نسيم، انوشا ناصر، ندا ڊار، منيبا علي، سدرا امين، سدرا نواز، عميما سهيل، طوبا حسن ۽ ٻيون ٽرين خاطر طلب ڪيون ويون آهن. جڏهن تھ سريلنڪن ٽيم 19 مئي تي پهچندي ۽ سندن ٽريننگ سيشن 21 ۽ 22 مئي تائين ٿيندو. سريلنڪا ۽ پاڪستان ويمنز ٽيمن ۾ پهريون ٽي 20 24 مئي تي ٿيندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button