رانديون

ڀارت ۽ ٻين ٽيمن کي هارائڻ جي صلاحيت آهي: هاڪي ڪپتان

پاڪستان جي قومي هاڪي ٽيم جي ڪپتان عمر ڀٽا چيو آهي تھ اسان جي ٽيم وٽ ڀارت ۽ ٻين ٽيمن کي شڪست ڏيڻ جي صلاحيت آهي. ميڊيا کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ هن جو چوڻ هو تھ يورپ جي دوري سان ايشيا ڪپ جي تياري جو موقعو مليو آهي ۽ ان سان گڏ پرفارمنس بھ بهتر ٿي آهي. هن جو چوڻ هو تھ هالينڊ، بيلجيم ۽ اسپين خلاف کيڏڻ سان اسان جي اعتماد ۾ وڏو اضافو ٿيو آهي. هوڏانهن يورپ جي دوري جي هڪ ٻي ميچ ۾ پاڪستاني ٽيم کي ٻن جي ڀيٽ ۾ 5 گولن تان اسپين شڪست ڏئي ڪاميابي ماڻي ورتي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button