رانديون

گراس روٽ ڪرڪيٽ نظرانداز ٿي، ان تي ڌيان ڏيندس: رميز راجا

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين رميز راجا چيو آهي تھ گراس روٽ ڪرڪيٽ نظرانداز ٿي، تنهنڪري هاڻ ان تي ڌيان ڏيندس. پي سي بي ۾ ڪرڪيٽ ايسوسيئيشنز جي فرسٽ بورڊز جي عهديدارن سان ملاقات ڪرڻ دوران ڳالهائيندي هن ٻڌايو تھ منهنجي چيئرمين شپ دوران نرسرين کي اهميت ملندي، فرسٽ بورڊز سان گڏجي بهتري آندي ويندي. هن جو چوڻ هو تھ اسڪول ۽ ڪلب ڪرڪيٽ سرگرمين جي بحالي لا نوجوانن کي بهتر ماحول ۽ سهولتون ملڻ گهرجن. هن چيو تھ ڪرڪيٽ جي انفرا اسٽرڪچر کي اپگريڊ ڪيو ويندو، مان پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ ۾ بهتري چاهيان ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button