رانديون

سريلنڪا خلاف هوم سيريز، پيمن ٽيم جي پريڪٽس جاري

پاڪستان جي ويمن ڪرڪيٽ ٽيم جي ٽريننگ ڪيمپ ڪراچي ۾ جاري آهي، جنهن دوران رانديگرياڻين جي وچ ۾ ٻئي ڏهاڙي پڻ انٽرا ٽي 20 ميچ کيڏي وئي آهي. ميڊيا مطابق ٻئي ڏينهن واري ميچ دوران ويمن ٽيم بيٽنگ ڪرڻ جا گر سکيا ۽ انهن فيلڊنگ جا جوهر پڻ ڏيکاريا آهن. جڏهن تھ اوور ٿرو ڪرائڻ سميت فيلڊنگ دوران پيش ايندڙ ڪيترين ڏکيائين کي پڻ رانديگرياڻين منهن ڏنو آهي. ياد رهي تھ ويمن ٽيم جي ٽريننگ ڪيمپ سريلنڪا خلاف هوم سيريز جي ڏس ۾ منعقد ٿي آهي. جڏهن تھ هيڊ ڪوچ ڊيوڊ همپ ۽ بالنگ ڪوچ سليم انٽرا ميچ جي نگراني ڪئي ۽ رانديگرياڻين کي ٽپس ڏنا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button