رانديون

پاڪستان ۽ ڪامن ويلٿ گيمز ۾ آسٽريلوي ويمن اسڪواڊ جو اعلان

پاڪستان خلاف ميچن ۽ ڪامن ويلٿ گيمز ۾ آسٽريلوي ويمن اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ميڊيا مطابق ڪرڪيٽ آسٽريليا ٻن اهم ايونٽس کيڏڻ واري اسڪواڊ جي قيادت ميگ ليننگ جي حوالي ڪري ڇڏي آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ، آئرلينڊ ۾ رٿيل ٽھ ملڪي سيريز ۾ پاڪستان ۽ آسٽريليا جي ويمن ٽيمن ۾ ميچ 16 جولائي تي ٿيندي. جڏهن تھ ڪامن ويلٿ گيمز ۾ آسٽريليا ۽ پاڪستان جون ويمن ٽيمون 3 آگسٽ تي هڪٻئي خلاف ميچ کيڏنديون. ٻنهي ميچن ۽ ڪامن ويلٿ گيمز جي ايونٽ واري اعلانيل 24 رڪني اسڪوڊ ۾ ڊي برائون، ايلسي پيري، ايلسي هيلي، بيٿ موني، ايمي سئٿرلينڊ، جيس جوناسن ۽ ٻين رانديگرياڻين کي شامل ڪيو ويو آهي. هوڏانهن پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ اڃا تائين ٻنهي ايونٽن جي حوالي سان اسڪواڊ جو باقاعدا اعلان نھ ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button