رانديون

نيپال ويمن يوگنڊا کي 33 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي

نيپال ويمن يوگنڊا کي ٽي 20 سيريز جي آخري ميچ ۾ 33 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق ٽي 20 سيريز جي پنجين ميچ ۾ نيپال ويمن 6 وڪيٽن جي نقصان تي 123 رنسون ٺاهيون، جڏهن تھ يوگنڊا ويمن جي ٽيم هدف پويان کيڏندي 6 وڪيٽن جي نقصان تي رڳو 90 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي. نيپال ويمن جي بيٽر جيوتي پانڊي کي 49 رنسن تي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو آهي. جڏهن تھ يوگنڊا ويمن جي جينيٽ مبازي کي 103 رنسون ٺاهڻ تي پليئر آف دي سيريز قرار ڏنو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button