رانديون

ويسٽ انڊيز خلاف سيريز ۾ مضبوط ٽيم ميدان ۾ لاهڻ جو فيصلو

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ويسٽ انڊيز خلاف هوم سيريز ۾ مضبوط ٽيم ميدان ۾ لاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ميڊيا مطابق ذريعن جو چوڻ آهي تھ پي سي بي ايندڙ مهيني شروع ٿيندڙ هوم سيريز بابت اهم فيصلا ڪري ورتا آهن، جن تحت سيريز ۾ سينيئر رانديگر ڊراپ نھ ڪيا ويندا. ذريعن ٻڌايو تھ 8، 10، 12 جون تي رٿيل سيريز آئي سي سي ون ڊي ورلڊ ڪپ سپر ليگ جو حصو هجڻ سبب پي سي بي آڏو ڪواليفڪيشن جو معاملو اهم آهي، تنهنڪري سليڪٽرز فيصلن ۾ تبديليون آڻڻ جو رٿيو آهي. جڏهن تھ ويسٽ انڊيز خلاف پنڊي جي ميدان تي رٿيل سيريز ۾ نوجوانن کي موقعو ڏيڻ واري آپشن عارضي طور ختم ڪيو ويو آهي. پي سي بي جي ذريعن موجب سليڪٽرز جو خيال آهي تھ هي تجربي جو وقت ناهي، تنهنڪري ويسٽ انڊيز خلاف سيريز ۾ ميدان تي مضبوط ٽيم کي آندو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button