رانديون

ايشيا هاڪي ڪپ ۾ پاڪستان هٿان انڊونيشيا کي 13 گولن تان شڪست

ايشيا هاڪي ڪپ ۾ پاڪستان جي ٽيم شاندار راند کيڏندي ميزبان ٽيم انڊونيشيا کي 13 گولن تان شڪست ڏئي وڏي ڪاميابي ماڻي ورتي آهي. ميڊيا مطابق جڪارتا ۾ جاري ايونٽ ۾ ڀارت خلاف ميچ برابر ڪري ڪاميابي سان اڳتي وڌندڙ پاڪستاني ٽيم ايونٽ ۾ وڏي ڪاميابي ماڻي ورتي آهي. جڏهن تھ مقابلي ۾ ميزبان ٽيم ڪوبھ گول نھ ڪري سگهي، راند ۾ پاڪستان جي رضُوان علي گولن جي هيٽرڪ ڪرڻ ۾ ڪاميابي ماڻي آهي. پاڪستاني رانديگرن راند جي پهرين ڪوارٽر ۾ 4، ٻئي دوران 5، ٽئين ۾ 3 ۽ چوٿين هڪ گول ڪيو، جنهن ۾ رانديگرن ۾ اعجاز، منان، رانا وحيد 2،2 ۽ شڪيل معين، مبشر علي، شان علي توڙي غضنفر علي هڪ، هڪ گول ڪيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button