رانديون

بنگلاديش 365 رنسن تي آئوٽ، سريلنڪا 143 رنسون ٺاهي ورتيون

بنگلاديش جي ڪرڪيٽ ٽيم سريلنڪا خلاف ٻي ٽيسٽ جي ٻئي ڏهاڙي 365 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي آهي. جڏهن تھ موٽ ۾ سريلنڪا 2 وڪيٽن تي 143 رنسون ٺاهي ورتيون آهن. ميڊيا مطابق ڍاڪا ٽيسٽ جي ٻئي ڏينهن واري راند ۾ بنگلاديش جو بيٽر مشفيق الرحيم 175 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهيو. جڏهن تھ لٽن داس 141 رنسون ٺاهي پويلين واپس ويو، اهڙي ريت ٽي بيٽر ٻڙي تي ويا ۽ تيج الاسلام 15 ٺاهي سگهيو. هوڏانهن سريلنڪا جو ڪپتان ڊيموٿ ڪرونارتني 70 رنسن سان ڪريز تي موجود آهي، اوشاڊا فرنانڊو 57 ۽ ڪوشل مينڊس 11 تي آئوٽ ٿي ويو آهي. سريلنڪن بالرن مان ڪيسون رجيٿا 5 ۽ اسيٿا فرنانڊو 4 وڪيٽون ورتيون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button