رانديون

ڪرڪيٽ جي معيشت ۽ ٽيم سٺي هجي تھ ڪوبھ واپس نھ ويندو: رميز راجا

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين رميز راجا چيو آهي تھ اسان جي ڪرڪيٽ جي معيشت ۽ ٽيم سٺي هجي تھ ڪوبھ واپس نھ ويندو. ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن جو چوڻ هو تھ اسان جي پچن ۽ گراس روٽ جي حالت رحم جوڳي آهي، اسڪول، ڪاليج ۽ فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ بهتر ناهي. پي سي بي چيئرمين چيو تھ انگلينڊ ۽ نيوزيلينڊ جي ٽيمن جي واپسي کانپو خبر پئي تھ ٽيم نمبر ون هجي تھ ڪو واپس نٿو وڃي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو تھ ورلڊ ڪپ جي لا اسان جي تياري جاري آهي، ڪوشش ڪيون پيا تھ بهتر ٽيم جي چونڊ ڪري سگهون. هن چيو تھ اسان جي ڪرڪيٽ آئي سي سي جي فنڊنگ تي هلي ٿي، بزنس ڪميونٽي کي سيڙپ ڪرڻي پوندي، ان لا اسان ۽ بزنس ڪميونٽي کي هڪ پيج تي اچڻو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button