رانديون

ڀارت آئي سي سي جي فنڊنگ روڪي تھ پاڪستان ڪرڪيٽ ختم ٿي ويندي: رميز راجا

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين رميز راجا چيو آهي تھ آئي سي سي ۾ ڀارتي لابي مضبوط آهي، جيڪا 90 سيڪڙو فنڊنگ ڪري ٿي، جيڪڏهن ڀارت فنڊنگ روڪي ڇڏي تھ پاڪستان ڪرڪيٽ ختم ٿي ويندي. سينيٽر رضا رباني جي صدارت هيٺ ٿيل سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي هن جو چوڻ هو تھ آئي سي سي هڪ اڇو هاٿي آهي، جيڪو ايشيا ۽ والهه جي بلاڪ ۾ روهائجي ويو آهي. هن چيو تھ پاڪستان ڪرڪيٽ کي ردي جي ٽوڪري ۾ اڇلي نٿو سگهجي، پر جيستائين آواز نٿو اٿارجي تھ ڪو ڪم نٿو ٿئي. هن جو چوڻ هو تھ اسان جا ڪوچ ۽ پچون ٺيڪ ناهن، مون ڊوميسٽڪ ڪوچز سان ملاقات ڪئي آهي، اهي 20 سيڪڙو تبديل ڪرڻا آهن ۽ اسٽيڊيم ويهڻ لائق ڪونهن، جن کي بهتر ڪرڻو آهي. هن چيو تھ ڊوميسٽڪ امپائرنگ هيٺ هلي وئي آهي، ان لا ايندڙ 4 هفتن ۾ مان پاڪستان ڪرڪيٽ بابت شيون سامهون آڻيندس. هڪ سوال تي هن چيو تھ فڪسرز کي واپس آڻڻ سان نوجوانن ۾ غلط پيغام وڃي ٿو، هي ڪو معافي وارو ڪم ناهي ميچ هارائڻ تي مداح انهن جي واپسي جو مطالبو ڀلي ڪن، پر ائين نھ ٿيندو.

لاڙڪاڻي مان شاهنواز ڏاهاڻي جهڙو بالر آيو آهي

پي سي بي چيئرمين رميز راجا چيو آهي تھ لاڙڪاڻي مان شاهنواز ڏاهاڻي جهڙو باصلاحيت بالر آيو آهي. سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪاميٽي ۾ بريفنگ ڏيندي هن ٻڌايو تھ شاهنواز ڏاهاڻي جهڙو باصلاحيت بالر لاڙڪاڻي مان مليو آهي، اهڙي ريت دادو، فاٽا ۽ دير ۾ وڏو ٽيلنٽ موجود آهي. هن چيو تھ اسان وڏن شهرن ڏي ڏسندا آهيون، پر ٽيلنٽ ننڍن شهرن مان ملي رهيو آهي. هن چيو تھ ڪرڪيٽ ۾ وڏو ٽيلنٽ خربرپختونخواهه مان ملي رهيو آهي.

سينيٽرن پاران رميز راجا کي 1992ع وارو ڪيچ ياد ڏياريو ويو

سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي اجلاس دوران پي سي بي چيئرمين رميز راجا کي سينٽرن پاران 1992ع ۾ ورلڊ ڪپ جي ميچ دوران سندس ڪيل يادگار ڪيچ ياد ڏياريو ويو. سينٽرن کيس ٻڌايو تھ اوهان شاندار ڪيچ ڪيو هو. رميز راجا ان تي وراڻيو تھ عمران خان جي بال تي اوهان ڪيچ ڇڏڻ جو تصور بھ نٿا ڪري سگهو.

امپائر جي آڱر لا نھ پڇو، اها خطرناڪ آهي: رميز راجا

سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي اجلاس ۾ پي سي بي چيئرمين رميز راجا کان جڏهن امپائر جي اڱر کڄڻ جي حوالي سان سينيٽرن پاران سوال ڪيو ويو تھ رميز راجا کين وراڻيو تھ امپائر جي آڱر بابت سوال نھ ڪيو، اها انتهائي خطرناڪ آهي. پي سي بي چيئرمين جي اهڙي جواب تي اجلاس ۾ ٽهڪڙو مچي ويو آهي.

ڪرڪيٽ بورڊ ۾ پيسو ناهي، گاريون جام آهن: پي سي بي چيئرمين

پي سي بي جي چيئرمين رميز راجا چيو آهي تھ ڪرڪيٽ بورڊ ۾ پيسو ناهي، گاريون جام آهن. سينيٽ ڪاميٽي ۾ ڳالهائيندي هن ٻڌايو تھ جڏهن کان مان پي سي بي ۾ آيو آهيان، ان ڏينهن کان منهنجون ننڊون اڏامي ويون آهن. جڏهن تھ ان کان اڳ منهنجو ڪيريئر سٺو گذري رهيو هو.

نيوزيلينڊ کي سخت خط لکيو هو، ايندڙ هفتي سٺي خبر ملندي: رميز راجا

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين رميز راجا چيو آهي تھ پاڪستان جو دورو ملتوي ڪرڻ تي مون نيوزيلينڊ کي سخت خط لکيو هو، جنهن سبب اتان ايندڙ هفتي سٺي خبر ملڻ واري آهي. سينيٽ ڪاميٽي کي آگاهي ڏيندي هن چيو تھ نيوزيلينڊ اسان جي دٻا بعد دورو ري شيڊول ڪري رهي آهي.

ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽر سال ۾ 10 لک ڪمائي سگهن ٿا: پي سي بي چيئرمين

پي سي بي چيئرمين چيو آهي تھ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽر هاڻ سال ۾ 10 لک رپيا ڪمائي سگهي ٿو. سينيٽ ڪاميٽي ۾ هڪ سوال جو جواب ڏيندي هن ٻڌايو تھ فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ کي بهتر بڻائڻ لا مون ايندي ئي ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽر جي لک لک رپيا پگهار ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جا نتيجا ايندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button