
پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي تيز بالر محمد حسنين جو ايڪشن ڪليئر اچي ويو آهي، جنهن بعد کيس بالنگ جي اجازت ملي وئي آهي. ميڊيا مطابق آئي سي سي جي منظور ڪيل لاهور واري ليبارٽري ۾ محمد حسنين جي ٻيهر ٽيسٽ ڏني، جيڪا ڏسڻ بعد آسٽريلوي ماهرن محمد حسنين جي ٽيسٽ رپورٽ جو جائزو وٺڻ بعد سندس بالنگ ايڪشن کي ڪليئر ڪيو آهي. پي سي بي جي جاري ڪيل بيان ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ، بالنگ ايڪشن جي ٽيسٽ دوران حسنين جي ٻانهن جو خم 15 ڊگري کان گهٽ آيو آهي.