رانديون

پاڪستان اسپورٽس بورڊ سمورين فيڊريشنز کي چونڊن کان روڪي ڇڏيو

پاڪستان اسپورٽس بورڊ ملڪ جي سمورين اسپورٽس فيڊريشن کي چونڊون ڪرائڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق پي ايس بي پاران جاري سمورين فيڊريشنز کي خط لکيو ويو آهي، جنهن ۾ کين ڄاڻ ڏني وئي آهي تھ نئين اسپورٽس پاليسي جي تياري وارو ڪم شروع ٿي ويو آهي، جنهن سبب چونڊن واري عمل کي روڪيو وڃي. ڊي جي پي ايس بي جي منظوري سان لکيل ڪيل خط تحت ملڪ جي سمورين اسپورٽس فيڊريشنز کي پي ايس بي جي اختيارين خط لکي چونڊون نھ ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. خط جي متن ۾ چيو ويو آهي تھ نئين اسپورٽس پاليسي لاڳو ٿيڻ تائين فيڊريشنز ۾ موجود سمورا عهديدارن پنهنجو پنهنجو ڪم جاري رکن. جڏهن تھ اسپورٽس پاليسي 2020ع تي نظرثاني ڪري نئين سر تياري ڪئي پئي وڃي، چونڊن جي عمل کي روڪيو وڃي، ڇوتھ نئين پاليسي جو مقصد ملڪ اندر شفاف چونڊن جي عمل کي يقيني بڻائڻ آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button