
ويسٽ انڊيز جي ڪرڪيٽ ٽيم جي اينالسٽ ايونيش سيتارام جي طبيعت اوچتو خراب ٿي پئي آهي، جنهن کي ملتان جي خانگي اسپتال ۾ علاج جي ڏس ۾ داخل ڪيو ويو آهي. ميڊيا مطابق پاڪستان خلاف ون ڊي سيريز جي حوالي سان ملتان ۾ موجود اينالسٽ ايونيش سيتارام کي هڪ خانگي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي، جتي ٽيم جي سيڪيورٽي پڻ پهچي انتظام سنڀالي ورتا آهن. ٻڌايو وڃي ٿو تھ ويسٽ انڊيز جي اينالسٽ کي علاج جي هر سهولت ڏني وئي آهي.