پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين رميز راجا ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ۾ بھ پرڏيهي ڪوچز مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ميڊيا مطابق پي سي بي جي چيئرمين رميز راجا مقامي هوٽل ۾ ملڪ جي نوجوان ڪرڪيٽرن سان ملاقات ڪري کين سهولتن ڏيڻ بابت بھ آگاهه ڪيو. ملاقات ۾ ٽيمن جي ڪوچز ۽ سپورٽنگ اسٽاف کي نھ گهرايو ويو. جڏهن تھ چيئرمين ۽ ڪرڪيٽرن ۾ راند جي معيار ۾ بهتري لا غور ويچار ٿيو. ان موقعي تي ڪرڪيٽرن سان ڳالهائيندي رميز راجا چيو تھ اوهان سان پي سي بي چيئرمين بڻجي نھ پر ڪرڪيٽر طور ملڻ آيو آهيان، ڪيريئر ٺاهڻ لا ڀرپور محنت ڪيو. هن چيو تھ شارٽ ڪٽ کي ذهن مان ڪڍي ڇڏيو، ڪرڪيٽ ۾ بهتري لا سمورن ماڻهن کي ڪردار ادا ڪرڻو آهي. جڏهن تھ وڌيڪ پيسو خرچ ڪرڻ ۽ عالمي معيار جون سهولتون ڏيڻ جو ارادو پڻ ڏيکاريو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close