رانديون

رميز راجا جو ڊوميسٽڪ ۾ پرڏيهي ڪوچ مقرر ڪرڻ جو اعلان

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين رميز راجا ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ۾ بھ پرڏيهي ڪوچز مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ميڊيا مطابق پي سي بي جي چيئرمين رميز راجا مقامي هوٽل ۾ ملڪ جي نوجوان ڪرڪيٽرن سان ملاقات ڪري کين سهولتن ڏيڻ بابت بھ آگاهه ڪيو. ملاقات ۾ ٽيمن جي ڪوچز ۽ سپورٽنگ اسٽاف کي نھ گهرايو ويو. جڏهن تھ چيئرمين ۽ ڪرڪيٽرن ۾ راند جي معيار ۾ بهتري لا غور ويچار ٿيو. ان موقعي تي ڪرڪيٽرن سان ڳالهائيندي رميز راجا چيو تھ اوهان سان پي سي بي چيئرمين بڻجي نھ پر ڪرڪيٽر طور ملڻ آيو آهيان، ڪيريئر ٺاهڻ لا ڀرپور محنت ڪيو. هن چيو تھ شارٽ ڪٽ کي ذهن مان ڪڍي ڇڏيو، ڪرڪيٽ ۾ بهتري لا سمورن ماڻهن کي ڪردار ادا ڪرڻو آهي. جڏهن تھ وڌيڪ پيسو خرچ ڪرڻ ۽ عالمي معيار جون سهولتون ڏيڻ جو ارادو پڻ ڏيکاريو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button