رانديون

پاڪ ڀارت اسٽار ڪرڪيٽر ايندڙ سال گڏ کيڏائڻ جون تياريون

پاڪستان ۽ ڀارت جي اسٽار ڪرڪيٽرن کي ايندڙ سال گڏ کيڏائڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن. ميڊيا مطابق ايفرو ايشيا ڪرڪيٽ ڪپ مقابلا ڪرائڻ جي تجويز تي مختلف بورڊز جو بھ غور هيٺ آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ ايونٽ ۾ ايشيا ۽ آفريقا اليون جوڙي شاهين، رضوان، بابر ۽ ڪوهلي گڏ کيڏائڻ جي تجويز بھ سامهون آئي آهي. هوڏانهن پي سي بي جي ترجمان جو چوڻ آهي تھ ايفرو ايشيا ڪپ بابت ميڊيا ۾ ٻڌو آهي، ان حوالي سان اسان وٽ ڪا تجويز ناهي آئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button