رانديون

ڀارت وٽ پيسو هجڻ ڪري بورڊ مضبوط آهي: سعيد اجمل

پاڪستان جي اڳوڻي اسپنر سعيد اجمل چيو آهي تھ ڀارت وٽ پيسو هجڻ ڪري انهن جو ڪرڪيٽ بورڊ مضبوط آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن پنهنجي بالنگ ايڪشن دوسرا بابت ٻڌايو تھ بالنگ ايڪشن سبب مون تي پابندي لڳائڻ کان اڳ ڀارت جي روي چندرن ايشون ۽ ويسٽ انڊيز جي سنيل نارائڻ کي روڪيو ويو، ڀارت جي تيز بالر جسپريت ڀمراهه ۽ هرڀجن سنگهه سان بھ مسئلو هو، پر سائيڊلائين رڳو مان ڪيو ويس. هن چيو تھ پيسو وڌي چڙهي ڳالهائيندو آهي، تنهنڪري آئي سي سي جو رويو ڀارت جي ڀيٽ ۾ ٻين سان ڌار هجي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button