رانديون

ڀارت ويمن سريلنڪا کي لاڳيتو ٻي شڪست ڏئي ٽي 20 سيريز کٽي ورتي

ڀارت جي ويمن ڪرڪيٽ ٽيم سريلنڪا ويمن کي لاڳيتو ٻي ميچ ۾ شڪست ڏئي ٽي 20 سيريز کٽي ورتي آهي. ميڊيا مطابق سريلنڪا جي ويمن ٽيم ٻي ٽي 20 ميچ ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 125 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي آهي. جڏهن تھ ڀارتي ويمن ٽيم آخري اوور ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي مليل آسان هدف پورو ڪري ڪاميابي ماڻي ورتي ۽ 127 اسڪور ڪيو. راند دوران سريلنڪا جون بيٽر گنا رتني 45 ۽ چماري اتاپتو 43 رنسن سان نمايان رهيون، پر باقي بيٽر ڊبل فگر ۾ بھ نھ اچي سگهيون. ڀارت جي ڪپتان هرمنپريت ڪور 31 رنسون ٺاهي پليئر آف ميچ قرار ڏني وئي. جڏهن تھ سمرتي مندنا 39، شيفالي ورما ۽ سڀينيني ميگهنا 17، 17 رنسون ڪيون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button