رانديون

قومي انڊر 19 ڪپ جا مقابلا اڄ کان شروع، شيڊول جاري

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي ميزباني هيٺ قومي انڊر 19 ڪپ جا مقابلا اڄ کان شروع ٿيندا، جنهن جو باقائدا شيڊول پڻ جاري ڪيو ويو آهي. ميڊيا مطابق پي سي بي جي پڌارائي ۾ چيو ويو آهي تھ عبدالرزاق سينٽرل پنجاب، غلام علي سنڌ، اعجاز احمد جونيئر ناردرن، ارشد خان بلوچستان، عمران فرحت سينٽرل پنجاب ۽ ٻين کي ڪوچز مقرر ڪيو ويو آهي. جڏهن تھ 8 جولائي تائين کيڏجندڙ ايونٽ ۾ 12 ٽيمن کي ٻن ڌار ڌار پولن ۾ ورهايو ويو آهي. ٽيمن جي هر اسڪواڊ ۾ 15 رانديگر شامل هوندا ۽ ايونٽ ۾ 5 ڄڻا ريزور طور کيڏيا ويندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button