رانديون

ويسٽ انڊيز ٽيسٽ سيريز ۾ بنگلاديش کي ڪلين سوئيپ ڪري ڇڏيو

ويسٽ انڊيز ٽيسٽ سيريز ۾ بنگلاديش کي ڪلين سوئيپ ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق سينٽ لوشيا جي ڊيرن سيمي اسٽيڊيم کيڏيل ۾ آخري ٽيسٽ جي چوٿين ڏهاڙي ويسٽ انڊيز 10 وڪيٽن تان سوڀ حاصل ڪري ماضي جيان سيريز ۾ ڪلين سوئيپ ڪري ورتو آهي. بنگلاديش جي بيٽرن ٻي اننگز ۾ 186 رنسن ٺاهي ويسٽ انڊيز کي رڳو 13 رنسن جو هدف ڏنو، جنهن کي ويسٽ انڊيز جي اوپنرن ئي پورو ڪري ڇڏيو. هوڏانهن چوٿين ڏهاڙي واري راند برسات سبب اڌ ڏينهن تائين روڪيل رهي، جنهن بعد راند شروع ٿيندي ويسٽ انڊيز آساني سان ميچ کٽي ورتي آهي. ويسٽ انڊيز جي آل رائونڊر ڪائلي مائيرس کي پليئر آف دي ميچ ۽ پليئر آف دي سيريز جا اعزاز ڏنا ويا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button