
پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي جو موٽر پوليس 1500 رپين جو چالان ڪٽي ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق شاهد آفريدي لاهور کان ڪراچي اچي رهيو هو تھ موٽر وي تي گهربل رفتار کان وڌيڪ رفتار هجڻ تي کيس موٽر وي پوليس روڪي چالان ڪٽيو. بعد ۾ شاهد آفريدي اهلڪارن سان سيلفي پڻ ورتي.