پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ ثقلين مشتاق پنهنجي عهدي جي مدي ۾ واڌ نھ وٺڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق ثقلين مشتاق جو مدو ايندڙ سال فيبروري ۾ ختم ٿي ويندو، جنهن بعد هن عهدو ڇڏڻ جي رٿابندي ڪري ورتي آهي. پي سي بي جي چيئرمين رميز راجا ان ڏس ۾ انڪشاف ڪيو آهي تھ ثقلين مشتاق ذاتي سببن جي بنياد تي عهدي جو مدو نھ وڌائڻ جو رٿيو آهي. هن ٻڌايو تھ ميٿيو هيڊن ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ ڪوچ مقرر ٿيندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close