پاڪستانسنڌ

شاهه لطيف يونيورسٽي ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لا احتجاج جو اعلان

خيرپور: شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي ملازم يونين جي صدر قلندر بخش بوزدار، جنرل سيڪريٽري محمد اسلم گهمرو، محمد حسن مهيسر، رجب علي چانڊيو، غلام سرور خاصخيلي، غلام اصغر مرکنڊ، باسط خلجي، عطا محمد ناريجو ۽ عبدالرحيم چانڊيو پريس ڪلب خيرپور ۾ ڪانفرنس ڪندي چيو ته شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي ملازمن پاران اڄ کان هڙتال ۽ احتجاج جو اعلان ڪيون ٿا، شاهه عبدالطيف يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر خليل ابوپوٽو، رجسٽرار مريد ابوپوٽو ملازمن سان زيادتين جي انتها ڪري ڇڏي آهي، هنن ٻڌايو ته ملازمن جي ليوانڪيشمنٽ، ڊي پي سي تحت پروموشن ، ڊيلي ويجز جون ليبر لا مطابق پگهارون ، لوور اسٽاف کي سينارٽي بيس تي اپگريڊ ٿيڻ ، ڊيلي ويجز ملازمن کي ڪنفرم ڪرڻ، ڪلارڪن جي گريڊ 11 کان گريڊ 13 ۾ اپگريڊ ٿيڻ، مالهين جي ٽيڪنيڪل پاليسي تحت آرڊر ڏيڻ، بس ڪنڊيڪٽر کي اپگريڊ ڪرڻ سميت ملازمن جا ڪيترائي مسئلا گذريل ڪيتري ئي عرصي کان تاخير جو شڪار آهن. هنن چيو ته سينڊيڪيٽ جي ڪيل فيصلن تي به عملدرآمد نه پيو ٿئي، ملازمن کي مختلف طريقن سان حراسان ڪيو پيو وڃي، جنهن خلاف اڄ کان تالابندي ڪري احتجاج ڪيو ويندو. ان موقعي تي محمد حسن مهيسر، غلام سرور خاصخيلي، غلام اصغر مرکنڊ، عامر علي جيهو ۽ ٻيا موجود هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button