پاڪستانسنڌ

پ پ اميدوارن ڌاندلي ڪري اسان کي هارايو آهي: محمد معراج مهر

خيرپور: ڪوٽڏيجي تعلقي جي يوسي فتح پور تي بلدياتي چونڊ ۾ آزادر اميدوار براءِ چيئرمين محمد معراج مهر، وارڊ 02 جي جنرل ڪائونسلر اميدوار بخش علي مهر، وارڊ 2 تي جنرل ڪائونسلر جي اميدوار بنگل خان مهر ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته 26 جون تي يوسي فتح پور ۾ پولنگ عمل شروع ٿيندي ئي پيپلزپارٽي جي اميدوار سرڪاري مشينري جو غيرقانوني استعمال ڪرڻ شروع ڪري ڏنو، يوسي فتح پور تي پيپلزپارٽي جي نامزد ٿيل چيئرمين اميدوار محمد ياسين مهر ۽ سندس پينل جي اميدوارن عبدالرزاق لاشاري، الطاف مهر، گلزار، در محمد ۽ ٻين سازش تحت ڌانڌلي ڪري اسان کي هارايو آهي، هنن ٻڌايو ته وارڊ 2 ۽ 3 سميت يوسي فتح پور جي مختلف پولنگ اسٽيشن تي مقامي سرڪاري عملو مقرر ڪري، پرزائينڊنگ آفيسر ۽ پوليس جي مدد سان سري عام جعلي ووٽ ڪاسٽ ڪيا ويا، پ پ پ اميدوارن هٿياربند ساڻ ڪري پولنگن تي اسان جي ايجنٽن کي يرغمال بڻايو ويو، 18 سالن کان گهٽ عمر واران ماڻهن کان جعلي ووٽ ڪاسٽ ڪرايا ويا، پولنگ اسٽيشن جي بجلي ۽ پاڻي بند ڪيو ويو، ووٽر لسٽن ۾ هيراڦيري ڪري مختلف هربا هلائي مختلف طريقن سان ڌانڌلي ڪري اسان کي هارايو ويو آهي ۽ من پسند چونڊ نتيجا حاصل ڪيا ويا آهن، جن کي رد ڪريون ٿا. هنن ٻڌايو ته ٿيل ڌانڌلي بابت چونڊ کان اڳ خدشا موجود هئا، جن جي لکت ۾ عدليا سميت اختارين کي شڪايتون ڪرڻ باوجود ڪو به تدارڪ نه ٿيو. هنن اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سميت اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته غيرقانوني ۽ من پسند طريقي سان حاصل ڪيل يوسي فتح پور جا نتيجا روڪيا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button