رانديون

بابراعظم جي منظرنامي تي ٻڌل پريڪٽس ميچ ۾ شاندار ڪارڪردگي

لاهور: پاڪستان جي آل فارميٽ ڪپتان بابراعظم سريلنڪا جي دوري جي تيارين جي سلسلي ۾ تربيتي ڪيمپ دوران منظرنامي تي ٻڌل پريڪٽس ميچ ۾ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو. ريٽائرڊ ٿيڻ کان اڳ 134 رنسون ٺاهي پويلين موٽيو، بابراعظم بال سان به ايڪشن ۾ نظر آيو، هن ٻه وڪيٽون به ورتيون. بابراعظم کان علاوه حارث رئوف ۽ مبشر خان به 2-2 وڪيٽون حاصل ڪري ورتيون، ميچ برابري تي ختم ٿي. سرفراز اليون طرفان شاهين آفريدي، حسن علي، فواد عالم ۽ سلمان آغا هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. انٽرا اسڪواڊ جي منظرنامي تي ٻڌل ميچ جي پڄاڻيءَ کان پوءِ، سڀني رانديگرن کي هڪ ڏينهن جي موڪل هوندي ته جيئن سريلنڪا جي اهم دوري کان اڳ تيارين کي حتمي شڪل ڏني وڃي. سلمان علي آغا پنهنجي ٽيم طرفان سڀ کان وڌيڪ 48 رنسون ٺاهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button