رانديون

برازيل جي اسٽار فٽبالر نيمار سينٽ جرمين ڪلب کي الوداع ڌوڻ جو اشارو

برازيل: برازيل جي اسٽار فٽبالر نيمار جونيئر پيرس سينٽ جرمين ڪلب کي الوداع چوڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب اسٽار فٽبالر نيمار ۽ پيرس سينٽ جرمين ڪلب جي انتظاميا وچ ۾ لاڳاپا خراب ٿي ويا آهن، جنهن کانپوءِ خبرون گردش ڪري رهيون آهن ته فٽبالر جلد ئي ڪلب کي الوداع چئي ويندو، پيرس سينٽ جرمين ڪلب آگسٽ 2017 ۾ نيمار کي دنيا جي مهانگي ترين فٽبالر طور 222 ملين پائونڊ ۾ سائن ڪيو هو پر ان دوران هو پي ايس جي ٽائيٽل کٽڻ ۾ ناڪام رهيو.

رپورٽن مطابق نيمار هاڻي ڪلب مان حوصلا افزائي نه ٿيڻ سبب ڪلب ڇڏڻ تي غور ڪري رهيو آهي، جڏهن ته ڪلب هن سيزن ۾ سندس جاءِ تي ڪنهن ٻئي رانديگر کي شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. ان کان اڳ پي ايس جي صدر ناصر الخليفه، گذريل سيزن جي ٽيم جي گهٽتائي بابت ڳالهائيندي هن تصديق ڪرڻ کان انڪار ڪيو ته ڇا نيمار هاڻي 2022-23 ۾ ڪلب جو حصو هوندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button