اسلام آبادپاڪستان

نيشنل هيزرڊ ويسٽ مئنجمينٽ پاليسي منظور ٿي آهي:شيري رحمان

اسلام آباد : گڏيل عرب امارات جي سفير حماد عبيد ابراهيم الزابي ماحولياتي تبديلي واري وزارت ۾ وفاقي وزير شيري رحمان سان ملاقات ڪئي. سينيٽر شيري رحمان ايندڙ COP28 جي ميزباني تي اماراتي سميت کي مبارڪ ڏني. شيري رحمان چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ماحوليات بابت مفاهمت جي يادداشت جي معاهدي کي فعال بنائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ماحولياتي تبديلي سبب گدلاڻ ۽ صحت جا مسئلا آهن. هن چيو ته وفاقي ڪابينا ۽ نيشنل هيزرڊ ويسٽ مئنجمينٽ پاليسي 2022 جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. سفير چيو ته ماحولياتي تبديلي سڄي خطي کي متاثر ڪري رهي آهي. پاڪستان جي ماحولياتي تبديلين بابت قدمن جي ساراهه ڪريون ٿا. ملاقات ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ لاءِ گڏيل ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button