رانديون

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين جو جونيئر ليگ ڪرائڻ جو اعلان

ڪراچي: پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين رميز راجا جونيئر ليگ ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي رميز راجا چيو ته پاڪستان جونيئر ليگ ۾ 30 ڪمپنين دلچسپي ظاهر ڪئي آهي، اميد آهي ته پاڪستان جونيئر ليگ تمام گهڻي ڪامياب ٿيندي، شاهد آفريدي، شعيب ملڪ ۽ ڊيرن سمي ليگ جا آئڪن هوندا جڏهن ته اڳوڻو ڪپتان جاويد ميانداد کي به جونيئر ليگ ۾ شامل ڪيو ويو آهي ۽ هو ان جي نگراني ڪندو. هن چيو ته پي سي بي پهريون بورڊ آهي جيڪو جونيئر ليگ ڪرائي رهيو آهي، جنهن ۾ 30 ڪمپنيون 6 فرنچائزز شرڪت لا تيار آهن.

پي سي بي جي چيئرمين چيو ته 13 سالن کانپوءِ نيشنل اسٽيڊيم جي پچ جي چوڪ تي ڪم ٿي رهيو آهي، آسٽريليا خلاف سيريز ۾ پچن جون خرابيون سامهون آيون آهن. رميز راجا وڌيڪ چيو ته ڪرڪيٽ جو موجوده سيزن مصروف ترين سيزن آهي، ايشيا ڪپ ۽ ورلڊ ڪپ کان علاوه انگلينڊ ۽ نيوزيلينڊ جون ٽيمون پاڪستان اچي رهيون آهن. رميز راجا چيو ته چيئرمين شپ جي شروعات ۾ ئي خراب موقعو مليو ته ٻن وڏين ڪرڪيٽ جي ٽيمن پاڪستان ۾ اچڻ ۽ کيڏڻ کان انڪار ڪيو پر جڏهن اهو معاملو آءِ سي سي جي اجلاس ۾ اٿاريو ويو ته چيمپيئنز ٽرافي جي ميزباني ڪئي وئي ۽ انگلينڊ ۽ نيوزيلينڊ ٻيهر دورا ڪيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button