
پاڪستان جي ويمن ڪرڪيٽ ٽيم جي 10 ڏينهن واري ٽريننگ ڪيمپ شروع ٿي وئي آهي. ميڊيا مطابق هيڊ ڪوچ ڊيوڊ همپ ۽ ٻين ڪوچز جي ذريعي ٽيم جي رانديگرن جي ٽريننگ جاري آهي. هوڏانهن راوالپنڊي جي اسٽيڊيم ۾ ويمن رانديگرياڻين جي ٽريننگ ڪرائڻ جا بندوبست ڪيا ويا آهن. ٽريننگ ۾ رانديگرياڻين کي بالنگ، بيٽنگ ۽ فيلڊنگ جا ٽپس ڏنا ويندا ۽ ان سان گڏ ئي ڌار ڌار اسڪواڊ ٺاهي انٽرا ميچون پڻ ڪرايون وينديون.