
پاڪستان جي اڳوڻي ڪرڪير رميز راجا جونيئر بھ اڳوڻي ڪوچ وقار يونس تي الزام هڻندي مٿس نسل پرستي ڪرڻ جو الزام هنيو آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي 2011ع ۾ ڪيريئر جا رڳو ٻھ انٽرنيشنل ٽي 20 ميچ کيڏندڙ رميز راجا جونيئر ٻڌايو تھ وقار يونس ڪوچ طور ڪراچي ۽ پنجاب جي رانديگرن ۾ فرق رکندو هو، ٽيم سان گڏ پنهنجي اڪيلي دوري ۾ وقار يونس مون کي گهڻا مهڻا ڏنا ۽ چيو تھ ڪراچي سان تعلق رکان ٿو. هن مون کي پنجابي سکڻ جو چيو، اهم ڳالهه اها آهي تھ گڏجاڻين ۾ هو پاڻ بھ پنجابي ڳالهائيندو هو. هن چيو تھ وقار يونس جي هڪ رپورٽ منهنجي ڪيريئر کي تباهه ڪيو آهي.