رانديون

ٽي 20 سيريز جي تياري، انگلينڊ جي سيڪيورٽي ٽيم ٽن هفتن ۾ پاڪستان پهچي جائزو وٺندي

انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم جي پاڪستان جي دوري کان اڳ انگلينڊ جي سيڪيورٽي ٽيم ٽن هفتن ۾ پاڪستان پهچي معاملن جو جائزو وٺندي. ميڊيا مطابق انگلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ جي ٽيم سيپٽمبر ۾ رٿيل ملڪي ڪرڪيٽ ٽيم جي پاڪستاني دوري کي حتمي شڪل ڏيڻ بابت پلان تيار ڪري ورتو آهي. جڏهن تھ پاڪستاني دورو ڪندڙ سيڪيورٽي معاملن جي نگراني ڪندڙ ٽيم سان گڏ بورڊ جا آفيشلز بھ اچڻ جو رٿيو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ انگلش ٽيم پاڪستان جي ٽن شهرن ۾ 7 ميچن تي ٻڌل ٽي 20 سيريز کيڏندي. ذريعن موجب دوري جي حوالي سان پي سي بي سان بھ مشُورا ڪيا پيا وڃن. ذريعن ٻڌايو تھ اي سي بي جي ٽيم ميچن وارن اسٽيڊيمز، رهائش وارين هوٽلن، رانديگرن جي سفر وارن انتظامن جو جائزو وٺندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button