رانديون

سريلنڪا کي ايشيا ڪپ ڪرائڻ جي اجازت ملي وئي

سريلنڪا کي ايشيا ڪپ ڪرائڻ جي اجازت ملي وئي آهي. ميڊيا مطابق ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل سريلنڪا جي خاطرين بعد ايونٽ جي اجازت ڏني آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ سريلنڪن ڪرڪيٽ بورڊ اي سي سي کي خاطري ڪرائي آهي تھ اهي ڊي نائيٽ ميچن جي ڏس ۾ ڊيزل جو بندوبست ڪري وٺندا ۽ اهي ٽيمن توڙي ايونٽ جي سيڪيورٽي کي يقيني بڻائيندا. ذريعن جو چوڻ آهي تھ اهڙين خاطرين بعد ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل سريلنڪا کي ايونٽ ڪرائڻ جي اجازت ڏني آهي. ايونٽ جو ڪواليفائر رائونڊ جون 21 آگسٽ کان ٿيندو ۽ ميچون 27 آگسٽ کان 7 سيپٽمبر تائين ڪرايون وينديون. هوڏانهن روايتي مخالف ڀارت ۽ پاڪستان پنهجي پهرين ميچ 28 آگسٽ تي کيڏندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button