رانديون

ڀارت ويمن هٿان سريلنڪا کي ون ڊي سيريز ۾ وائيٽ واش شڪست

ڀارت ويمن ڪرڪيٽ ٽيم سريلنڪا کي ون ڊي سيريز ۾ وائيٽ واش شڪست ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق ٽن ميچن واري ون ڊي سيريز جو آخري مقابلو ڀارت ويمن 39 رنسن تان آساني سان کٽي ورتو آهي. ڀارتي ٽيم سريلنڪن بالرن آڏو ناڪام ثانت ٿي رهي هئي تھ ان وقت ڪپتان هرمنپريت 2 ڇڪن ۽ 7 چوڪن جي مدد سان 75 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي. جڏهن تھ پوجا واستريڪر 3 ڇڪا هڻي 56 رنسن سان هرمنپريت ڪور جو ساٿ ڏنو ۽ ٽيم کي ڪاميابي ڏيارڻ اهم ڪردار ادا ڪيو. ميچ ۾ اهڙي ريت شيفالي ورما 49 ۽ ياستيڪا ڀاٽيا 30 رنسون ٺاهيون آهن. جڏهن تھ سريلنڪا جون بيٽر ڀارت جي 256 جي هدف آڏو 216 رنسن تي آئوٽ ٿي ويون، جنهن ۾ نليڪشي ڊي سلوا 48 رنسن سان نمايان رهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button